حڪومت تڪبندين ۽ چونڊ سڌارن واري بل تي پيپلز پارٽي کان مدد گهري ورتي

khursheed shah

حڪومت تڪبندين ۽ چونڊ سڌارن واري بل تي پيپلز پارٽي کان مدد گهري ورتي، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، سندس پيغام قيادت تائين پهچايو آهي، جن جو چوڻ آهي ته پارٽي سان صلاح بعد ملاقات جو فيصلو ڪيو ويندو.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو، جنهن دوران پيپلزپارٽي کان چونڊ سڌارن واري بل تي حمايت جي مدد گهري.

وزيراعظم اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي درخواست ڪئي ته پيپلزپارٽي قانون سازي لاءِ سينيٽ ۾ ساٿ ڏئي.

وزيراعظم خورشيد شاهه کي پيپلزپارٽي جي قيادت سان ملاقات جي درخواست به ڪئي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته مون شاهد خاقان عباسي کي واضح چيو آهي ته معاملو منهنجي اختيارکان ٻاهر آهي، پارٽي قيادت سان رابطو ڪيو وڃي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، سندس پيغام قيادت تائين پهچايو آهي، جن جو چوڻ آهي ته پارٽي سان صلاح بعد ملاقات جو فيصلو ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*