پيپلزپارٽي جي ترجمان چوڌري منظور چيو آهي ته نوازشريف مشرف کان معافي گهري ٻاهر ڀڄي ويو

chodhary manzor

پيپلزپارٽي جي ترجمان چوڌري منظور چيو آهي ته نوازشريف مشرف کان معافي گهري ٻاهر ڀڄي ويو، جمهوريت جي جنگ پ پ وڙهي رهي آهي، اسان ئي هميشه جمهوريت جي اصولن جي ڳالهه ڪئي آهي.جيڪڏهن اڄ هڪ نااهل شخص پارٽي جو سربراهه ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي چور، ڌاڙيل به پارٽي ٺاهي پارليامينٽ ۾ اچي ويندا.

 نوازشريف جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پيپلزپارٽي جي ترجمان چوڌري منظور چيو ته پيپلزپارٽي کي جمهوريت جو درس ڏيندڙ نوازشريف پنهنجي عملن تي به غور ڪري.

هن چيو ته اسان کي طعنو ڏيندڙن شهيد بينظير ڀٽو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ عدالتن ذريعي نااهل ڪرايو،

پيپلزپارٽي جي ترجمان چيو ته نوازشريف ميمو گيٽ ۾ ڪارو ڪوٽ پهري پيپلزپارٽي تي غداري جي مهر لڳائي عدالت هليو ويو هو،

هن چيو ته نوازشريف غداري جي ڪيس باوجود مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني،

پ پ ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي نوازشريف جيان جمهوريت کي قربان نه ڪيو، پر هميشه جمهوريت لاءِ قرباني ڏني آهي.

هن چيو ته اسان هميشه جمهوري اصولن جي ڳالهه ڪئي، جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي جنگ وڙهي آهي.

چوڌري منظور چيو ته هڪ نااهل شخص پارٽي سربراهه ٿي سگهي ٿو ته پوءِ سڀاڻي چور اسمگلر ۽ ڌاڙيل به پارٽي ٺاهي سگهن ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن ايئن هلندو رهيو ته سڀاڻي اسمگلر، چور ۽ ڌاڙيل پارليامينٽ کي يرغمال بڻائي سگهن ٿا،

پيپلزپارٽي جي ترجمان چيو ته جن وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي ته اهي ٻين تي الزام لڳائيندا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*