سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن واري بل ۾ ترميم خلاف سموريون اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

supreme court

سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن واري بل ۾ ترميم خلاف سموريون اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ثاقب نثار رجسٽرار آفيس جا اعتراض به رد ڪري ڇڏيا آهن.

چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار پنهنجي چيمبر ۾ چونڊ سڌارن واري ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي چيف جسٽس ثاقب  نثار درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي درخواستون ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضع رهي ته رجسٽرار آفيس درخواتن بابت فورم سان رابطو ڪرڻ جو اعتراض لڳايو هو،

پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، شيخ رشيد ۽ جمشيد دستي سميت 9 درخواستگذارن اليڪشن ايڪٽ 2017ع کي چيلينج ڪيو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*