دادو ۾ سنڌ متحده ايريگيشن فيڊريشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

dadu

دادو ۾ سنڌ متحده ايريگيشن فيڊريشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سنڌ متحده ايريگيشن فيڊريشن جي اڳواڻن بشير احمد ميمڻ، محمد خان پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي انجنيئر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ٻن ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته سن ۽ فوتي ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*