ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران دهشتگرد سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر اسحاق شهيد

dera ismail khan foji shaheed

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران دهشتگرد سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر اسحاق شهيد، آءِ ايس پي آر موجب، شهيد ميجر اسحاق جي جنازي نماز ۾ آرمي چيف جي شرڪت ڪئي، مڙهه سندس اباڻي علائقي خوشاب اماڻيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي.

دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 28 ورهين جو ميجر  اسحاق شهيد ٿي ويو.جنهن جو تعلق خوشاب سان هو.

آءِ ايس پي آر موجب، ميجر اسحاق جي اباڻي علائقي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميجر  اسحاق سوڳوارن ۾ بيواهه ۽ هڪ سال جو پٽ ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان وطن جي حفاظت جو مقدس فرض انجام ڏيندا رهنداسين……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*