مورو ۾ مختلف مذهبي تنظيمن پاران ختم نبوت جي سلسلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

moro

مورو ۾ مختلف مذهبي تنظيمن پاران ختم نبوت جي سلسلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مذهبي تنظيمن تحريڪ لبيڪ يارسول الله، جماعت اهلسنت ۽ مشائخ اهلسنت جي اڳواڻن مولانا خطيب محمد اسماعيل ميمڻ، مولانا عبدالله ڏاهري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي تاج مسجد وٽان احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پارليمينٽ تحفظ عقيده، ختم نبوت ۽ قاديانين جي قانون کي بحال ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ اسان قبول نه ڪنداسين.

هنن چيو ته حڪومت تحريڪ لبيڪ يارسول الله جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو آهي ۽ وڌيڪ آپريشن جي تياري ڪري رهيا آهن، جيڪا ناقابل برداشت آهي ۽ حڪومت جي انهي فيصلي جي جيتري به مذمت ڪجي ته اوتري ٿوري آهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته  حڪومت انهي فيصلي کي واپس وٺي، نه ته ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين، جنهن جي سڄي ذميواري وفاقي حڪومت تي عائد هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*