بلديه سانحي جي جوابدار رحمان ڀولا پاران ڪيل انڪشاف سامهون اچي ويا آهن

Baldia-Case-23716

بلديه سانحي جي جوابدار رحمان ڀولا پاران ڪيل انڪشاف سامهون اچي ويا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ۾ رحمان ڀولا چيو ته قتلام ايم ڪيو ايم جي پاليسي تحت ڪئي وئي، رئوف صديقي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ان لاءِ ڪرائي ته ايم ڪيو ايم تي الزام نه لڳي.

رحمان ڀولا بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ زڪوات، فطرو ۽ ڀتو وٺي ڪروڙين رپيا نائن زيرو تي جمع ڪرائيندو هو.

هن چيو ته حماد صديقي کيس بلديه سيڪٽر جو انچارج بڻائي علي انٽر پرائيزز کان 25 ڪروڙ رپيا ڀتو گهرڻ جو ٽاسڪ ڏنو.

رحمان ڀولا بيان ۾ چيو ته قتلام ايم ڪيو ايم جي پاليسي تحت ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ۽ سني تحريڪ جا سوين ڪارڪنن قتل ڪيا ويا.

بلديه سانحي جي جوابدار چيو ته 2012 ۾ زبير عرف چريا کيس ٻڌايو ته فيڪٽري ۾ باهه لڳائڻ جو بندوبست ٿي ويو آهي.

هن بيان ۾ چيو ته زبير چريا ساٿين سان فيڪٽري پهتو ۽ 20 کان 25 منٽن کانپوءِ ٻڌايو ته ڪم ٿي ويو آهي، جنهن بعد حماد صديقي جي چوڻ تي ڪارڪنن، ايم اين ايز ۽ ٻين کي فيڪٽري تي پهچڻ جو چيو.

رحمان ڀولا اهو به چيو ته رئوف صديقي ايف آءِ آر ان لاءِ داخل ڪرائي ته ايم ڪيو ايم تي الزام نه لڳي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*