ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

larkana lady workrz pro

ليڊي هيلٿ ورڪرز  پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ملڻ  خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز  پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ملڻ  خلاف ٽن ڏينهن واري پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز ريشمان لانگاه، گلشن سولنگي ۽ ٻين دانهيو ته4  ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڌرڻي بعد سنڌ حڪومت خاطري ڪرائي ته گذريل پنجن مهينن جون پگهارون جاري ڪيون ويون آهن پر ان تي عمل ٿي نه سگهيو آهي.

هنن چيو ته صحت کاتي طرفان ليڊي هيلٿ ورڪرن جون بئنڪ ۾ آءِ ڊي کولي بعد ۾ پگهار جاري ڪرڻ جو شرط رکيو ويو آهي، بئنڪ وارن سان جڏهن آءِ ڊي کولڻ لاءِ وياسين ته انهن کي کتو جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو آهي.

بدين ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز  پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ملڻ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ليڊي هيلٿ ورڪز راڻي شاهه، نرگس ۽ ٻين چيو ته ته اسان کي پنج مھينن جون پگھارون نه مليون آھن، جنهن سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن.

ٻئي طرف ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر محبوب خواجه احتجاجي مظاھري ۾ پھچي ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي يقين ڏياريو ته پگھارن جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو، جنهن بعد ليڊي ھيلٿ ورڪرز احتجاج ختم ڪيو.

ٺل ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي آسيه خاتو، صفيه ۽ ٻين چيو ته بلاجواز سندن پگهارون بند ڪري اسان کي پريشان ڪيو وڃي ٿو،  پگهارون نه ملڻ ڪري اسان جا خاندان بکون ڪاٽي رهيا آهن، پر حڪومتي.عملدار رڳو اسان کي آسرا ڏئي رهيا آهن.

ماتلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران  تعلقه ماتلي جي سمورن سينٽرن تي پوليو جو بائيڪاٽ ڪري تعلقه اسپتال کان ريلي ڪڍي ماتلي بدين باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز شڪيلا عباسي، نائلا چانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ۽ تذليلون برداشت ڪري در در تي وڃي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿيون،  پر افسوس جو 5 مهينن کا کين پگهارون نه ڏئي کين فاقا ڪشي جي ور چاڙهيو ويو آهي.

ڳڙهي خيرو ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز نصرت سميجو، رشيده ملڪ ۽ حاڪمان لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري سول هاسپٽل اڳيان ڌرڻو هنيو.

آخر ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز مطالبو ڪيو ته کين پڪو ڪري سندن رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*