تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته چونڊ سڌارن واري ترميمي بل کي رد ڪندڙ 160 ڄڻن کي شرم اچڻ گهرجي

imran khan kohat

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته چونڊ سڌارن واري ترميمي بل کي رد ڪندڙ 160 ڄڻن کي شرم اچڻ گهرجي، قوم جو پيسو لٽيندڙ کي ڪير  پارٽي سربراهه بڻائيندو؟ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ناري جي بي حرمي ڪيس م مفاد پرست ٽولي ۽ مخالف علي امين گنڊا پور الزام لڳايا، مان پاڻ ڪي پي ڪي جي آءِ جي کان تفصيل معلوم ڪندس.

ڪوهاٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته نواز شريف ايبٽ آباد ۾ بنا بلٽ پروف شيشي جي جلسو ڪيو، جنهن سان ڪي پي جي صورتحال بهتر آهي.

هن چيو ته چونڊ سڌارن واري ترميمي بل کي رد ڪندڙ 160 ڄڻن کي شرم اچڻ گهرجي، قوم جو پيسو لٽيندڙ کي ڪير  پارٽي سربراهه بڻائيندو؟

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ ناري سان بي حرمتي واري ڪيس ۾ مفاد پرست ٽولي ۽ مخالف علي اميد گنڊا پور الزام لڳيا

هن چيو ته هو پاڻ 24 ڪلاڪن اندر آءِ جي خيبرپختونخواهه کي فون ڪري ان معاملي تي تفصيل معلوم ڪندو.

هن چيو ته فريادي کان پڇيو وڃي ته ڇا ان ڪيس ۾ ڪي پي ڪي پوليس ڪا به ڪسرڇڏي آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته پوليس 9 مان 8 جوابدارن کي گرفتاري ڪري ورتو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اهڙي قدم سان ثابت ٿي ويو ته وفاداري قوم سان نه آهي

عمران خان چيو ته بل رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي 94 ارب رپيا رشوت ڏني وئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*