سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي هير سوهو چيو ته متحده جي 5 ايم پي اياز جا فنڊز سرڪار غيرقانوني طور تي خرچ ڪرڻ خلاف ايوان ۾ تحريڪ التويٰ پيش ڪئي ويندي

Sindh-Assembly-29716

    سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي هير سوهو چيو ته  متحده جي 5 ايم پي اياز جا فنڊز سرڪار غيرقانوني طور تي خرچ ڪرڻ خلاف ايوان ۾ تحريڪ التويٰ پيش ڪئي ويندي، جنهن تي سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته ايم پي ايز جو ڪو به فنڊ ناهي هوندو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.

اجلاس ۾ اسپيڪر سراج دراني ڄام خان شورو کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوان ۾ گٽڪو کائڻ منع آهي، جنهن تي ڄام خان شورو چيو ته هو پان نه پر وڏڦ کائي رهيو آهي.

متحدا جي عورت ايم پي اي هير سوهو چيو ته سنڌ سرڪار  سميتا افضال، رعنا، انصار، بلقيس ۽ مون سميت متحدا جي 5 ايم پي ايز جا فنڊ غيرقانوني طور خرچ ڪيا، جنهن تي سنڌ سرڪار کي نوٽيس ۽ ايوان ۾ تحريڪ التويٰ جمع ڪرائي ويندي،جنهن تي صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته ايم پي ايز جو فنڊ نه هوندو آهي، ڪميونٽي ڊولپمينٽ فنڊ هوندو آهي، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر خرچ ڪري سگهي ٿو.

سوالن جوابن دوران عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي صلاحڪار ارم خالد چيو ته سنڌ جي هٿ جا هنر عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چڪا آهن، گهرن کان ٻاهر نه نڪرندڙ عورتون سنگاپور ۽ ٻين ملڪن ۾ هٿ جي هنرن بابت نمائشن ۾ شرڪت ڪن پيون.

هن چيو ته صوبي ۾ هٿ جي هنرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 10 هزار عورتن کي تربيت ڏني آهي،جڏهن ته وومين ڪرائسز سيل ۾عورتن کي تحفظ ۽ مفت قانوني مدد فراهم ٿئي ٿي.

سوالن جوابن بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*