ڳڙهي خيرو ويجهو جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي

ghari khairo

ڳڙهي خيرو ويجهو جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

ڳوٺ ولي محمد ڏاهاڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب گل حسن عرف ڪاريهر جکراڻي، سندس گهرواري وڏي خاتون ۽ پاڙيسري عورت گلناز خاتون ڏاهاڻي قتل ٿي پيا.

واقعي جو اطلاع  پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس انتهائي سستي جو مظاهرو ڪندي چئن ڪلاڪن کان پوءِ پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتا.

ڳڙهي خيرو ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري کين جيڪب آباد اسپتال نيو ويو ۽ زخمي ٿيل نينگر کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتار عمل ۾ اچي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*