سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي جي خلاف پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت کان هفتي اندر ٻيهر رپورٽ طلب ڪري ورتي

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي جي خلاف پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت کان هفتي اندر ٻيهر رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾ چيو آهي ته لٺيون کڻي احتجاج ڪرڻ جو قرآن شريف ۾ ڪٿي لکيل آهي، ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي تي ايندڙ خرچ ڪير پيو ڀري، جڏهن دليل جا بنياد ئي ختم ٿي وڃن ته پوءِ ڏنڊي جي زور تي صحيح ڳالهه به سٺي نٿي لڳي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ فيض آباد ۾ لڳل مذهبي جماعتن جي ڌرڻي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

انهي موقعي تي جسٽس مشير عالم چيو ته اسان کي گھرو وزارت ۽ دفاع وزارت جي رپورٽ ملي وئي آهي،

جسٽس مشير عالم چيو ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت کي خبر هئي ته ڌرڻو هنيو ويندو، انهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم ڇو نه کنيا ويا ؟

اٽارني جنرل چيو ته پنجاب حڪومت کي اطلاع ڏنو ويو هو، انهي تي جسٽس مشير عالم چيو ته ڇا پنجاب ۽ وفاقي حڪومت الڳ الڳ آهن؟

جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته بنيادي نڪتو ڪهڙو آهي؟ شفافيت جي لاءِ اهو ٻڌايو ته انهي ڌرڻي تي خرچ ڪيترو ٿي رهيو آهي؟ ڌرڻي وارن جي ٻولي ٻڌوگار گند پيا ڪن سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هي ملڪ ڪيئن هلندو،

اٽارني جنرل چيو ته امامن جي چاليهي کان هي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن، اسان رتوڇاڻ نٿا چاهيون.

اٽارني جنرل چيو ته حڪومت وٽ ڳجھا اطلاع آهن ته آپريشن ڪيو ته ٽڪراءُ پيدا ٿيندو، انهي جي ڪري هرممڪن ڪوشش آهي ته پرامن نموني معاملو نبري وڃي، حڪومت وٽ سمورا آپشن موجود آهن،

عدالت سوال ڪيو ته انهن جي خلاف ڪيترا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته 18 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،169 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،

جسٽس قاضي فائز ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام ته امن ذريعي پکڙيو هو، انهي ۾ ڏنڊو ته نه هليو هو، هي سڀ ڇا آهي؟ مسلمان ته هڪٻئي سان ملن ٿا ته سلام ڪن ٿا، ڌرڻي وارن جي ڪري عدالتي نظام متاثر ٿي رهيو آهي،

جسٽس قاضي فائز  عيسيٰ چيو ته وڪيل عدالتن ۾ پهچي نه پيا سگهن، عدل ۽ انصاف کي روڪڻ به گناهه آهي،

عدالت چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته علم حاصل ڪريو،  ڀلي انهي جي لاءِ اوهان کي چين وڃڻو پوي، هتي ته ڌرڻي جي ڪري ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن.

عدالت چيو ته حڪومت ڇا پئي روڪي ڌرڻو ته جاري آهي، انهن کي سهوليتون ڪير پيو ڏي، ڌرڻي واري جاءِ تي موبائل سگنل هلي رهيا آهن، اتي ڀرسان هوٽلون ريسٽورانٽس ناهن ته انهن کي کاڌو پيتو ڪير پيو ڏي؟

عدالت چيو ته حڪومت سندن رسد ڇو نه ٿي بند ڪري، اسان نٿا چاهيون ته مٿن گوليون هلايو، پر کين سهولتون ڏيڻ ته بند  ڪريو، چئن پاسن کي علائقي کي گھيرو ڪري کين بند ڪريو.

ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته رستا بند هجڻ جي ڪري هڪ ٻار به مري چڪو آهي، انهي تي جسٽس قاضي فائز چيو ته اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، ان ٻار جي گھر وارن تي ڇا گذري هوندي، هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جوقتل آهي، پارليامينٽ، عدليا ۽ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

جسٽس مشير عالم چيو ته جيڪڏهن صورتحال اها رهي ته ڪجھه ماڻهو سموري شهر کي يرغمال بڻائي سگهن ٿا، ماڻهو قبضو ڪري وٺندا پوءِ به حڪومت ڳالهيون ڪندي؟ ڇا حڪومت کي ياد ناهي ته ماضي ۾ ڇا ٿيو هو؟

ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته ڌرڻو هڻندڙن کي واپس وڃڻو هو.

اٽارني جنرل چيو ته اهڙا به اطلاع آهن ته ڌرڻي ۾ڪجهھ هٿياربند به موجود آهن، جيڪي تشدد جو ماحول پيدا ڪرڻ گھرن ٿا،اسان ان معاملي جو حل تلاش ڪري رهيا آهيون.

 قاضي فائز چيو ته جيڪڏهن اختلافي معاملا آهن ته عدالتون موجود آهن، شرعي مسئلو آهي ته انهي جي لاءِ  شرعي عدالت موجود آهن، دشمن اسان جي گھر ۾ باهه لڳائي رهيو آهي.

جسٽس قاضي فائز چيو ته جيڪڏهن ڌرڻي وارن عدالت کي گاريون ڏنيون آهن ته اسان جي طرفان کين مهرباني چئي ڇڏجو، گارين جو علم ميڊيا کي آهي، حڪومت کي ناهي.

عدالت چيو ته اسان ڌرڻي جي خلاف ڪو حڪم جاري نه ڪنداسين،  اسان آئيني ۽ قانوني وضاحت ڪنداسين، حڪومت پاڻ ٻڌائي ته ڌرڻي جي خاتمي جي لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ڌرڻي جو خرچ قومي خزاني مان ڇو پيو ورتو وڃي؟

عدالت چيو ته ڌرڻي جي ڪري اسلام جي عظمت وڌي نه پئي، اسلام جي عظمت تي ڪا سودبيازي نه ٿيندي، شرمندگي جي ڪري اسان جون اکيون جهڪي ويون آهن، ايجنسيون ۽ ٻيا ادارا خاموش ڇو آهن.

سپريم ڪورٽ حڪومت کان هفتي اندر ٻيهر رپورٽ طلب ڪندي فيض آباد ڌرڻي بابت ڳجهن ادارن کان سهڪار وٺڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*