سکر ۾ ڪالوني جي رهواسين پاران ڀتا خور مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Sukkur-2-12

سکر ۾ ڪالوني جي رهواسين پاران  ڀتا خور مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بيهار ڪالوني جي رهواسين الله ڏنو مهر، ذوالفقار جتوئي، مجيد چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شڪارپور ڦاٽڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪمشنر سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي اڳواڻن ايس ايڇ او تي الزام هڻندي چيو ته اڳوڻي ايس ايڇ او غلام سرور جي پٽن دڪاندارن کان زبردستي ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته گذريل رات ايس ايڇ او جي پٽن ۽ سندن ڀائرن دڪاندارن مٿان فائرنگ ڪري ڀتا وصولي ڪئي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته بااثر اڳوڻي ايس ايڇ او جي پٽن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*