نئين ديري ۾ بيواهه عورت ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي بااثر جوابدار پاران مبينا طور زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف شهيدن جي مزار ٻاهران احتجاج ڪيو آهي

naudero

نئين ديري  ۾ بيواهه عورت ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي  بااثر  جوابدار  پاران مبينا طور زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف شهيدن جي مزار ٻاهران احتجاج ڪيو آهي.

ڀان سيد آباد جي رهواسڻ بيواهه  مائي عظيمان خاتون سندس مڙس غلام شبير ٻگهيو جي ساڍا 3 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر جوابدار مولوي ثناءُ الله خلاف ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار ٻاهران احتجاج ڪيو .

ان موقعي بيواهه عورت  سندن پٽن سان گڏجي دانهيو ته سندس مڙس 1998ع ۾ ساڍا ٽي ايڪڙ زرعي زمين اڍائي لک رپين ۾ خريد ڪئي، جنهن بعد ڄاڻايل زمين کي کيڙي کائيندا پيا اچون.

هنن چيو ته مڙس جي اوچتي وفات کانپوءِ جوابدار سندس  زمين جي کاتي جي لکت نٿو ڏئي، لکت گهرڻ تي ويتر روپوش ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي مدد سان اسان کي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو.

متاثرين چيو ته اسان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چونڊ تڪ جا آهيون. کيس 5 سالن کان ووٽ ڏيندا پيا اچون، پر افسوس آ ڪو به سندن دانهن نٿو ٻڌي،  جنهن ڪري مجبور ٿي اڄ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مزار تي دانهن کڻي پهتا آهيون.

هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي  وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته سندن  انصاف ڪري جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري ۽ ڄاڻايل زمين جو کاتو لکرائي ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*