ميرپور بٺوري ۾واٽرسپلاءِ تلا جي ديوار ڊهيل هئڻ سبب پاڻي رستي تي بيھي ويو آھي، جنھن سبب شھر جو مکيه رستو بند ٿي ويو آھي

mirpur batoro

ميرپور بٺوري ۾واٽرسپلاءِ تلا جي ديوار ڊهيل هئڻ سبب پاڻي رستي تي بيھي ويو آھي، جنھن سبب شھر جو مکيه رستو بند ٿي ويو آھي .

ميرپور بٺوري جي واٽرسپلاءِ تلا ۾ پاڻي وڌيڪ ڇڏڻ سبب پاڻي پلٽي رستي تي بيهي ويو آهي۽ شھرين کي مُشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن.

 ٻئي طرف روڊ تي بيٺل گدلو ۽ بدبودار پاڻي ۽ واٽرسپلاء تلا وارو پاڻي مڪس ٿي ويا آھن ۽ ھزارين شھرين کي اھڙو بدبودار پاڻي پيئڻ لاءِ فراھم ڪيو پيو وڃي.

 جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جي ڪائونسلرن غفور ميمڻ، اقبال شورو ۽ شھرين امتياز سومرو ، عرفان خواجا، لطيف زنئور ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي چئرمين اياز ميمڻ۽ ٽائون آفيسر باقر بروھي جي غفلت سبب ھُونئن ته سمورو شھر کنڊر بڻجي ويو آھي ليڪن تلاء جي ڊھي ويل ديوار نه ٺھرائڻ سبب پاڻي ٻاھر رستي تي بيھي وڃڻ معمول بڻجي ويو آھي.

ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*