پرڏيهي آفيس سرحدي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو

faisal hasmi

پرڏيهي آفيس سرحدي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته را جي سرگرمين وارو معاملو افغانستان اختيارين آڏو کنيو ويو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارتي فوج غيرقانوني آپريشن ڪري 12 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته آفيم جي پيداوار دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغانستان ۾ آفيم جي پيداوار دنيا لاءِ خطرو آهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان کي افغانستان ۾ آفيم جي پيداوار تي خدشا آهن،

هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي گهرواريءَ کي ملاقات ڪرائڻ جي آڇ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪئي وئي، ڀارت سندس امڙ جي ملاقات ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي حڪومت جي درخواست تي پرڏيهي آفيس غور ڪري رهي آهي. ڀارتي اڳرائي خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهي،

هن چيو ته تحريڪ طالبان ۽ ملا فضل الله افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ ۾ ڀارتي ايجنسي را جي رابطن جا ثبوت موجود آهن، را جي سرگرمين جو معاملو افغان اختيارين سان اٿاريو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*