سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ۾ شامل 436 ماڻهن خلاف درخواست هلائڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

supreme court

سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ۾ شامل 436 ماڻهن خلاف درخواست هلائڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست گذار جماعت اسلامي جي امير سراج الحق موقف اختيار ڪيو آهي ته آف شور ڪمپنيون ٽيڪس بچائڻ لاءِ ٺاهيون وينديون آهن، پاناما ليڪس ۾ جن به پاڪستاني شهرين جا نالا شامل آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ۾ شامل 436 پاڪستاني شهرين خلاف ڪارروائي لاءِ جماعت اسلامي  جي امير سراج الحق ۽ وڪيل طارق اسد جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل ۽ جسٽس مقبول باقر تي ٻڌل بينچ ڪئي.

درخواستگذار طارق اسد موقف اختيار ڪيو ته پاناما ۾ شامل سمورن ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي، منهنجو ڪيس ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ بابت آهي.

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اوهان جو موقف آهي ته جن به ماڻهن جا نالا پاناما ۾ آيا، انهن خلاف ڪارروائي ٿئي؟ ٻڌايو وڃي ته وڌيڪ اثاثن جو تعين ڪير  ڪندو؟

درخواستگذار چيو ته درخواست ۾ وفاق ۽ نيب کي ڌر بڻايو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته درخواست تي نيب ۽ فيڊريشن جو جواب طلب ڪيو وڃي ۽ معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙي وڃي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق موقف اختيار ڪيو ته جن به ماڻهن جا نالا پاناما ليڪس ۾ شامل آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ٻنهي درخوستن کي گڏائي وفاقي حڪومت ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*