اليڪشن ڪميشن وڪيل جي غير حاضري سبب تحريڪ انصاف جي ناراض ايم پي اي ضياءَ الله آفريدي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ziya afridi

اليڪشن ڪميشن وڪيل جي غير حاضري سبب تحريڪ انصاف جي ناراض ايم پي اي ضياءَ الله آفريدي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ ضياءَ الله آفريدي خلاف عمران خان جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. جڏهن ته ايم پي اي جو وڪيل سردار لطيف کوسا عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

ان موقعي تي جونيئر وڪيل اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي ڊسمبر جي ٻي هفتي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته اسان کي اسپيڪر طرفان ريفرنس مليو آهي. جونيئر وڪيل ٻڌايو ته کين اسپيڪر ڪي پي جي ريفرنس جي ڪابه خبر ناهي.

ارشاد قيصر چيو ته توهان پڇا ڪري ٻڌايو، لطيف کوسا اچي رهيو آهي يا نه، اسان کي مقرر وقت اندر ريفرنس تي فيصلو ڪرڻو آهي.

وڪيل ڊسمبر جي ٻي هفتي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*