سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ عور ت فوت ٿي پئي ۽ ٻن عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Road-Accident-201016

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن  ۾ هڪ عور ت فوت ٿي پئي ۽ ٻن عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي طبي امداد لاءِ مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو .

هڱورجا ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

قومي شاهراهه تي اسلام ڪاٽن فيڪٽري جي سامهون تيز رفتار مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ ڪري موٽر سائيڪل تي سوار هالاڻي واسي هڪ عورت ساجدان ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڌيءَ ناديه ۽ حسين بخش گاڏهي شديد زخمي ٿي پيا، جن کي هڱورجا اسپتال علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي.

پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار صوڀوديرو کان هالاڻي وڃي رهيا هئا ته روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا.

آخري اطلاعن تائين روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

تنگواڻي ويجهو انڊس هاءِ وي تي سامان سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

تنگواڻي ڀرسان المدينه پئٽرول پمپ وٽ سامان سان ڀريل ٽرڪ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور حاڪم کوسو، راجا کوسو سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي  علاج لاءِ ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

گمبٽ ويجهو  باءِ پاس تي تيز رفتار  ٽرالر جو ٻن ويگن کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر ڪار کي بچائيندي ٻن ويگن سان ٽڪرائجي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد جمن، سندس زال مسمات حسينه شيخ،  نبي بخش ڄامڙو، مٺل سولنگي، مسمات مريم سولنگي ۽ حيدر بخش ناريجو زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*