ڪراچي جي احتساب عدالت مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ جي سپليمنٽري ريفرنس خلاف داخل اعتران واري درخواست کي رد ڪندي نيب جو سپليمنٽري چالان ٻڌڻي لاءِ منطور ڪري ڇڏيو

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت  مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ جي سپليمنٽري ريفرنس خلاف داخل اعتران واري  درخواست کي رد ڪندي نيب جو سپليمنٽري چالان ٻڌڻي لاءِ  منطور ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ  خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري نيب جي ريفرنس جي شنوائي ڪئي.

عدالت جوابدار جي سپلميٽري ريفرنس خلاف اعتراضن بابت درخواست کي رد ڪري نيب طرفان داخل ڪرايل سپلمنٽري ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منطور ڪري ورتو.

جوابدار خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي، جوابدار خلاف نيب طرفان 33 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪرايل آهي، سپلمنٽري ريفرنس ۾ به جوابدار تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.

 جوابدار خلاف غير قانوني ڀرتين جي جاچ پڻ جاري آهي.

عدالت ريفرنس جي وڌيڪ شنوائي 20 ڊسبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*