نوابشاهه ۾ ڳوٺ ٻائي جي رهواسين زمين تي مبينا قبضي خلاف قومي جهنڊو ۽ بينرکڻي مظاهرو ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ ڳوٺ ٻائي جي رهواسين زمين تي مبينا قبضي خلاف قومي  جهنڊو ۽ بينرکڻي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن فوج جي حق ۾ لکيل نعرن وارا بينر ۽ پاڪستان جا جهنڊا کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻي  نياز علي بروهي ۽ سندس ڀيڻ حرمت ٻڌايو ته سندن 16 ايڪڙ زمين ديهه اوڀاري ساوڙي جي چڪ نمبر 6 ۾ آهي، جنهن تي فيض محمد بروهي، غلام رسول ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي، پر پوليس سندن ڪا به مدد نٿي ڪري.

 هنن چيو ته هو ٽي دفعا ايس ايس پي وٽ دانهن کڻي ويا آهن، اهو به سندن مدد نٿو ڪري.

هنن مطالبو ڪيو ته معملي جو نوتيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*