ڀريا جي سول جج ٺاروشاھ اسپتال جو اوچتو دورو ڪري صفائي نه هئڻ ۽ مريضن کي دوائون نه ملڻ جي شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايم ايس کي ڇنڊ پٽيندي انتظام بهتر بنائڻ جو حڪم ڏنو

tharu shah chapo

ڀريا جي سول جج ٺاروشاھ اسپتال جو اوچتو دورو ڪري صفائي نه هئڻ ۽ مريضن کي دوائون نه ملڻ جي شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايم ايس کي ڇنڊ پٽيندي انتظام بهتر بنائڻ جو حڪم ڏنو.

سول جج ڀريا نثار احمد شر رورل هيلٿ سينٽر ٺاروشاھ جو اوچتو دورو ڪيو.

 اسپتال جي دوري دوران مريضن پاران دوائون نه ملڻ ۽ وارڊن جي صفائي نه هئڻ جون شڪايتون پڻ ڪيون.

سول جج مريضن جي شڪايتن تي  ايم ايس کي سخت ڇنڊ پٽيندي کيس چيو ته شڪايتون فوري طور ختم ڪري مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون  وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*