نيب چيئرمين بلوچستان ۾ جعلي ڊوميسائل تي ڀرتين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

javed iqbal nab chairman

نيب چيئرمين بلوچستان ۾ جعلي ڊوميسائل تي ڀرتين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ بابت جاچ ڪرائي ويندي ۽ رڪارڊ ذريعي جعلي دستاويز تيار ڪندڙن جو پتو لڳايو ويندو.

آغاز حقوق بلوچستان پيڪيڪ تحت وفاقي کاتي ۾ ڀرتين جي رپورٽ طلب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ بابت جاچ ڪرائي ويندي.

نيب چيئرمين چيو ته رڪارڊ ذريعي جعلي دستاويز تيار ڪندڙن جو تمام جلد پتو لڳايو ويندو.

جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته پيڪيج تحت ڪيترين آسامين تي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي ۽ ڪيترن ماڻهن پيڪيج تحت وفاق ۽ بلوچستان ۾ ۾ مقرر ڪيا ويا، سموري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*