نواز شريف جي خلاف ٽن ريفرنسز کي گڏائڻ واري درخواست تي اسلام آباد هائيڪورٽ وڪيل اعظم نذير تارڙ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

ISB-high-Court-181016

نواز شريف جي خلاف ٽن ريفرنسز کي گڏائڻ واري درخواست تي اسلام آباد هائيڪورٽ وڪيل  اعظم نذير تارڙ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ نواز شريف جي خلاف ٽن ريفرنسز کي گڏائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نواز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ دليل ڏيندي چيو ته احتساب عدالت اسلام آباد هائيڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کان اڳ نواز شريف جي ريفرنس گڏائڻ بابت درخواست رد ڪئي.

وڪيل چيو ته اهو فيصلو عدالتي روايتن جي ابتڙ آهي، نوز شريف جي خلاف ٽئين ريفرنسز هڪ نوعيت جا آهن، انهن ۾ سمورا تفصيل به ساڳيا آهن،

نوازشريف جي وڪيل چيو ته هڪ ريفرنس ست پيرائن ۽ ٻيو ريفرنس اٺن پيرائن تي ٻڌل آهي، انهن ريفرنسز ۾ ڪيترائي گواهه ساڳيا آهن،

وڪيل چيو ته جهانگير، آفاق، عمر، ملڪ عزيز، واجد ضيا جا نالا شاهد طور آهن ۽ اهي ٽنهي ريفرنسز ۾ ساڳيا شاهد آهن.

نواز شريف جو وڪيل چيو ته الزام هڪ آهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ويا آهن، انهي صورت ۾ الڳ الڳ ريفرنس نه ٺهندا آهن،

جسٽس فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته  جيڪڏهن ٻئي بيان ۾ گواهه بيان بدلائي ته اوهان جو ڪيس مضبوط ٿي ويندو،  هڪ قتل ۾ ٻه ڀيرا ڪيس نه ٿو هلي سگهي پر هتي معاملو ٻيو آهي، هتي ٽرانزيڪشن الڳ آهن.

عدالت دليل مڪمل  ٿيڻ بعد نيب ريفرنسز  کي گڏائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*