لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڪارروائي ڪري زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اسسٽنٽ ڪلارڪ کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

larkana anti cruption karwai

لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڪارروائي ڪري زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اسسٽنٽ ڪلارڪ کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ڏوڪري ڪاليج جي اسسٽنٽ ڪلارڪ نظام ڀٽي کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پنجن ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار مٿان نوڪرين بهاني مختلف ماڻهن کان لکين رپيه وٺڻ جو الزام آهي.

ھڪ ڏينھن اڳ جوابدار مٿان اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪيو،  جنھن کان پوءِ سرڪل آفيسر غلام سرور سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڇاپو ھڻي جوابدار کي گرفتار ڪريو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*