سنڌ هاءِ ڪورٽ، مذهبي پارٽي جي 4 مبينا جوابدارن جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

Sindh-High-Court-31517

سنڌ هاءِ ڪورٽ، مذهبي پارٽي جي 4 مبينا جوابدارن جي سزا ڪالعدم قرار  ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سني تحريڪ جي مبينا دهشتگرد حنيف، اشرف عرف ڇوٽو، رحمت شاهه ۽ زاهد حسين جي سزا خلاف اپيل منظور ڪئي.

عدالت چئني جوابدارن جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي رمارڪس ڏنا ته پوليس ۽ پراسيڪيوشن جوابدارن جي سزا برقرار رکڻ لاءِ شاهديون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، جڏهن ته جوابدارن کي سزا ڏيڻ وقت شاهدين کي نظرانداز ڪيو ويو.

پوليس  پاران چئني جوابدارن کي مقابلي کانپوءِ پريڊي واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته دهشتگردي جي انت واري عدالت جوبدارن کي 14-14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*