خيبرپختونخواهه جي علائقي پشاور ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايڊيشنل آءِ جي هيڊ ڪوارٽر محمد اشرف نور پنهنجي هڪ محافظ سميت شهيد ٿي ويو

peshawar dhamako aid ig shahed

خيبرپختونخواهه جي علائقي پشاور ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايڊيشنل آءِ جي هيڊ ڪوارٽر محمد اشرف نور پنهنجي هڪ محافظ سميت شهيد ٿي ويو، سي سي پي او پشاور طاهر خان چيو آهي ته موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار ايڊيشنل آءِ جي تي حملو ڪيو.

پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ تاتارا پارڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور ۽ سندس محافظ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ويجهي وارين عمارتن جا شيشا پڻ ٽٽي پيا.

اطلاع تي پوليس ۽ رضاڪارن پهچي شهيد ٿيل ايڊيشنل آءِ جي ۽ سندس محافظ جا مڙهه ۽ چئن زخمين  کي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو.

ڌماڪي بعد پوليس جي وڏن اٽالن پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن ڪيو.

پولس موجب، ايڊيشنل آءِ جي محمد اشرف نور گهر کان آفيس وڃي رهيو هو ته تاتارا پارڪ ويجهو مٿس حملو ٿيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حملو آپگهاتي هو، جوابدار موٽرسائيڪل ايڊيشنل آءِ جي، جي گاڏي سان ٽڪرائي،  جنهن سبب ڌماڪو ٿيو،

ٻي طرف سي سي پي او پشاور طاهر خان چيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي ۾ ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور ۽ سندس گن مين شهيد ٿي ويو آهي. حملي آور موٽر سائيڪل تي سوار هو.

طاهر خان چيو ته حملو حيات آباد فيز 2 ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.

هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ ٻين پاران حيات آباد ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي.

عمران خان چيو آهي ته حيات آباد ڌماڪو فساد جي هڪ بدترين مثال  آهي، دهشتگرد قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*