تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ادارن تي حملو ڪري رهيو آهي

Imran-Khan-Tweet-21117mran

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ادارن تي حملو ڪري رهيو آهي، چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط ٿين، احتجاج کي دهشتگردي جي شڪل ڏيڻ منهنجو وات بند ڪرڻ جي ڪوشش آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط ٿين، انهن جي عزت ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نوازشريف ٻڌائي ته سندس پيسو ٻاهر ڪيئن ويو، هو ملڪ جو ڏوهاري آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته سياسي ماڻهن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، سياسي احتجاج کي دهشتگردي جي شڪل ڏيڻ منهنجو وات بند ڪرڻ جي ڪوشش آهي، عمران خان چيو ته سڀني جماعتن چيو هو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، منهنجي نوازشريف سان ڀيٽ ڪرڻ ايئن آهي، جيئن مون کي سلطانا ڌاڙيل سان ڀيٽيو وڃي. ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*