سنڌ جو وڏو وزير سڀاڻي سجاول ضلعي جو دورو ڪندو

sujawal-map09-9

سنڌ جو وڏو وزير سڀاڻي سجاول ضلعي  جو دورو ڪندو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ڪروڙين  رپين جي لاڳت سان  ٺهيل روڊ ۽ ميرپور بٺورو جي ٺهندڙ باءِ پاس روڊ جو افتتاح ڪندو.

وڏو وزير مراد علي شاهه 23 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهندڙ دڙو، ميرپوربٺورو، ٻنون، ابڙال، وايا، جهوڪ شريف روڊ ۽ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ميرپوربٺورو شهر جي منظور ٿيل باءِ پاس روڊ جو پڻ افتتاح ڪندو.

جڏهن ته وڏو وزير پ پ اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ سان عيادت، ارباب رميز الدين ميمڻ سان ڀاءَ جي وفات ۽ شهيد ٿيل ڊاڪٽر شمس شورو جي وارثن سان  تعزيت ڪندو.

وڏي وزير جي دوري لاءِ پ پ  سجاول ضلعي جي انتظاميا پاران سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*