بلديه فيڪٽري جي جوابدار رحمان ڀولا جي نالي ڀائي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ۾ چيو آهي ته هن جو ڪهڙو قصور آهي ته جوابدار ۽ هن جو نالو هڪجهڙا آهن

Baldia-Case-20816

بلديه فيڪٽري جي جوابدار رحمان ڀولا جي نالي ڀائي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ۾ چيو آهي ته هن جو ڪهڙو قصور آهي ته جوابدار ۽ هن جو نالو هڪجهڙا آهن، ايف آءِ اي پرڏيهه وڃڻ نٿي ڏي، جنهنڪري ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واپاري عبدالرحمان جي ايف آءِ اي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته سندس  ۽ والد جا نالا بلديه فيڪٽري جي جوابدار رحمان ڀولا سان ملندڙ هئڻ ڪري ايف آءِ اي وارا پرڏيهه وڃڻ نٿا ڏين.

واپاري وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته شناختي ڪارڊ جي نمبر جي تصديق ٿيڻ بعد به ايف آءِ اي وارا پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نٿا ڏين، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي.

چيف جسٽس، ايف آءِ اي جي فوڪل پرسن کان پڇاڻو ڪيو ته بيگناهه شخص کي پرڏيهه وڃڻ کان ڇو پيا روڪيو، جنهن تي فوڪل پرسن جواب ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*