هالي ووڊ جي تجسس سان ڀرپور فلم “ڪوڪو” جي هر طرف ڌوم متل آهي

holywood movie coco

هالي ووڊ جي تجسس سان ڀرپور فلم “ڪوڪو” جي هر طرف ڌوم متل آهي.

 هلندڙ هفتي جي آخر ۾ سپر هيرو مووي “جسٽس ليگ ” کان پهريون نمبر کسي ٽاپ پوزيشن ماڻي وٺندي.

   باڪس آفيس پرو پاران هلندڙ هفتي جي 5 امڪاني ٽاپ بزنس ڪندڙ فلمن بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

   جنهن  موجب “ مُردن جي ڌرتي” واري موضوع تي ٺهيل فلم ڪوڪو هلندڙ هفتو ختم ٿيڻ تي 51 ملين ڊالر جي بزنس سان پهرئين نمبر تي رهڻ جو امڪان آهي.

 رپورٽ موجب “جسٽس ليگ ” 47 ملين ڊالرز جي بزنس سان ٻئي، جوليا رابرٽس ۽ اوون ولسن جي فلم “ ونڊر” ٽئين نمبر تي رهڻ جو امڪان آهي.

  ڪرس هيمس ورٿ جي فلم “ ٿور رگناروڪ ” 17 ملين ڊالرز سان چوٿون نمبر ماڻي سگهي ٿي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارڪ واهلبرگ جي“ ڊيديز هوم 2” 12 ملين ڊالرز جي بزنس سان پنجون نمبر ماڻڻ لاءِ تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*