وزيراعظم شاهدخاقان عباسي، پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻين پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

peshawar dhamako

وزيراعظم شاهدخاقان عباسي، پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻين پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پشاور جي حيات آباد واري علائقي ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي ڌماڪي جي مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

وزيراعظ شاهد خاقان عباسي آپگهاتي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلنکي فوري طور بهتر طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ واري عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي.

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچايو ويندو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ايڊيشنل آءِ جي هيڊ ڪوارٽر محمد اشرف نور ۽ گن مين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ايڊيشنل آءِ جي فرض نڀائيندي پنهنجي جو نذرانو پيش ڪيو،

شهباز شريف چيو ته شهيد هميشه زنده رهندا آهن، شهيد سڄي قوم جو فخر آهن.

هوڏانهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته فساد جو ٻج پوکيندڙ ڪڏهن به پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.

عمران خان چيو ته حملو دهشتگردي جو بدترين مثال آهي، جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*