اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

islamabad protest

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس شوڪت عزيز ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڌرڻو ختم نه ڪرائڻ عدالتي حڪم کي گهٽ ڏيکارڻ آهي، وفاقي گهرو سيڪريٽري 27 نومبر تي راجا ظفر الحق رپورٽ پيش ڪري، حساس ادارن جي ذميواري آهي ته اهو تاثر ختم ڪن ته ڌرڻي پٺيان ايجنسين جو هٿ آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي فيض آباد ڌرڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف ڪمشنر اسلام آباد به پيش  ٿيو.

ان موقعي تي چيف ڪمشنر اسلام آباد عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسان کي ڌرڻي خلاف ڪارروائي کان حڪومت روڪيو آهي.

چيف ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي گهرو وزير عدالت ۾ چيو هو ته انتظاميا کي روڪيو ويو آهي ته جيئن ڳالهيون جاري رهي سگهن.

ڌرڻو ختم ڪرائڻ واري ڪوشش ۾ ناڪامي تي عدالت حڪومت ۽ انتظاميا تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڌرڻو ختم نه ڪرائڻ عدالت جي حڪم کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي.

جسٽس شوڪت عزيز صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته وفاقي گهرو وزير ۽ وزيراعظم عدالت جي حڪم خلاف ڪيئن وڃي سگهن ٿا؟

عدالت پڇيو ته وفاقي گهرو وزير ڪهڙي اٿارٽي تحت عدالتي حڪم جي باوجود ڪارروائي کان روڪيو. جنهن تي گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان ضرورت کان وڌيڪ طاقت استعمال ڪنداسين ته رتو ڇاڻ ٿي سگهي ٿو، ڪجهه شيون هتي نٿيون ٻڌائي سگهجن، چيمبر ۾ لکت طور ٻڌائيندس.

وفاقي گهرو سيڪريٽري عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته جتي ضرورت پئي، اتي رياست پوري طاقت جو استعمال ڪندي، اسان رياست جي مفاد کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻي رهيا آهيون.  جنهن تي جسٽس شوڪت عزيز ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن وقت تائين ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.

جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته اڳ 29 نومبر تي رپورٽ گهري هئي، هاڻ گهرو سيڪريٽري 27 نومبر تي راجا ظفر الحق جي رپورٽ پيش ڪري.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته حساس ادارن جي ذميواري آهي ته اهو تاثر ختم ڪري ته ڌرڻي پٺيان ايجنسين جو هٿ آهي.

عدالت وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ڊائريڪٽر جنرل آءِ بي ۽  آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلت ڪري ورتو. جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 27 نومبر تي ملتوي ڪئي وئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*