چين جي ٿيم پارڪ ۾روبوٽ انسانن واريون سرگرميون ڪندي نظر ايندا

 china theme park

     چين جي ٿيم پارڪ ۾روبوٽ انسانن واريون سرگرميون ڪندي نظر ايندا.

     سائنس فڪشن تي ٻڌل چين جي پهرين ٿيم پارڪ جي تعمير آخري مرحلن ۾ آهي.

  گوئزو صوبي جي گادي واري شهر گوئيانگ ۾ 330 ايڪڙن تي تعمير ٿيندڙ پارڪ ايندڙ سال فيبروري ۾ سياحن لاءِ کوليو ويندو.

            چين جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع غربت سٽيل صوبي ۾ پارڪ تعمير ڪرڻ جو مک مقصد سياحت ذريعي معيشت کي هٿي وٺرائي علائقي مان غربت جو خاتمو ڪرڻ آهي.

  پارڪ خوبصورت جابلو علائقي ۾ تعمير ڪيو ويو آهي.

پارڪ ۾روبوٽن سميت مختلف 35 شين جي نقل ڪري سياحن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

  چيني صوبي گوئزو جي چيف ايگزيڪيوٽو جو چوڻ آهي ته پارڪ علائقي جي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*