سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي ۾ پي آءِ اي جون هفتي ۾ رڳو 2 ڏينهن اڏامون اچڻ سبب پٽيشن داخل

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي ۾ پي آءِ اي جون هفتي ۾ رڳو 2 ڏينهن اڏامون اچڻ سبب پٽيشن داخل، درخواستگذارامداد مشوري  پي آءِ اي جي چيئرمين، سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ڊي جي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي ۾ درخواستگذار امداد مشوري پي آءِ اي جون اڏامون لاڙڪاڻي ۾ گهٽ اچڻ خلاف درخواست جمع ڪرائي.

درخواستگذار پي آءِ اي جي چيئرمين، ايم ڊي اي، سول ايو ايشن اٿارٽي جي ڊي جي، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ، ڊسٽرڪٽ مينيجر لاڙڪاڻ، فيڊريشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو.

درخواسگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ رڳو هفتي ۾ پي آءِ اي جون 2 اڏامون اچن ٿيو، عدالت کي استدعا آهي ته پي آءِ جون اڏامون روزاني جي بنياد تي اچڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ 7 ڊسمبر تي ڌرين کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ  طلب ڪري ورتو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*