آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي سفير صادق جابر گرگن جي الوداعي ملاقات

army cheif kamar bajwa

آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي سفير صادق جابر گرگن جي الوداعي ملاقات دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي سفير صادق جابر گرگن ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف قمر جاويد باجوه ترڪي جي سفير صادق جابر گرگن جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي ۾ ڀائري وارا  لاڳاپا آهن.

ان کان اڳ آءِ ايس پي آر پاران پشاور جي حيات آباد واري علائقي ۾ شهيد ٿيل ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور کي خراج پيش ڪيو.

پاڪ فوج شهيد اي آءِ جي کي خراج پيش ڪندي چيو آهي ته ڌرتي ماءُ کي خطرن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اسان جو عزم ڪڏهن ڪمزور نه ٿيندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*