ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم خلاف ڪارروائين جي 6 ماهي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي

senate

ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم خلاف ڪارروائين جي 6 ماهي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي، سينٽ چيئرمين رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو آهي ته رپورٽ قانون جي شق 53 سان مذاق آهي، ايف آءِ اي جاچ ۽ گرفتارين سميت مڪمل رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪري.

سينٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. پارليامينٽ معاملن واري وزير آفتاب شيخ ايف آءِ جي 2016 ع ۾ ٿيل سائيبر ڪرائيم جي ڇهه ماهي رپورٽ پيش ڪئي.

رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي جي ايڪٽ تحت سائيبر ڪرائيمز تي عمل درآمد بابت رپورٽ قانون جي سيڪش 53 سان مذاق آهي.

رضا رباني چيو ته سائيبر ايڪٽ بابت ايف آءِ اي جي عملدرآمد رپورٽ هر ڇهه مهينن ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وڃي.

رولنگ ۾ چيو ويو ته رپورٽ، ان ڪميرا غور ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪئي ويندي.

رولنگ ۾ چيو ويو ته حڪومت ڪميٽي آڏو سڃاڻپ ۽ معلومات به پيش ڪرڻ جي پابند آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪندي.

سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏيندي چيو ته اسٽيڊنگ ڪميٽي رپورٽ ۾ سڃاڻپ کي ڳجهو رکي سگهي ٿي.

سينيٽ چيئرمين جي رولنگ اسپيڪر ڏانهن موڪلي ويندي، جيڪڏهن اهو چاهي ته اهڙو عمل ڪري سگهي ٿو.

واضح رهي ته قانون موجب، هر ڇهه مهينن کانپوءِ سائيبر ايڪٽ تحت ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لازمي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*