نوابشاهه ۾ 10 نومبر تي گم ٿيل ناري جي شڪ ۾ گرفتار ڪيل ماڻهن جي وارثن احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته سندس گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري

nawabshah

نوابشاهه ۾ 10 نومبر تي گم ٿيل ناري جي شڪ ۾ گرفتار ڪيل  ماڻهن جي  وارثن احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته  سندس گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري، ناري جي موبائيل جي ڊيٽا بابت تحقيقات ڪئي وڃي.

گرفتار ڪيل شڪي ماڻهن جي وارثن طالب حسين رند ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي هنن چيو ته سندن پاڙيسري مسمات بخه نامه زال مير محمد پٺاڻ 10 نومبر تي گم ٿي وئي آهي ۽ انهي ۾ صدام حسين کي تعلقي ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيو ۽ بيگناهه ثابت ٿيڻ تي  پوليس آزاد ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته وري انهن 21 نومبر تي تعلقي ٿاڻي تي ٽن ڄڻن صدام حسين، پوليس جمعدار فدا حسين ۽ طالب حسين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي،  جنهن مان فدا حسين کي گرفتار ڪري ڇڏيو.

هنن مطالبو ڪيو ته گم ٿيل ناري جي موبائيل جي ڊيٽا ڪڍرائي، تحقيقات ڪئي وڃي ته هن جا ڪنهن سان رابطا هئا، سندن گرفتار ڪيل بي ڏوهي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*