ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي 4 ورهين جي ٻارڙي کان جان کسيندڙ حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتي آهي

ma jina road

ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي 4 ورهين جي ٻارڙي کان جان کسيندڙ حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڪي ٽي اين نيوز حاصل ڪري ورتي آهي، حادثي جو سبب ٻن بسن ۾ ريس بڻي، احتجاج ۾ ٻن بسن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

ايم اي جناح روڊ تي سعيد منزل وٽ ٻن بسن ۾ ريس لڳائي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 4 ورهين جي سڪينه فوت ٿي وئي.

حادثي تي وارثن ۽ مڇريل ماڻهن ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ حادثو ڪندڙ بس سميت 2 بسن کي باهه ڏئي ڇڏي.

سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حادثي کان اڳ ٻن بسن ۾ ريس لڳائي، جنهن 4 ورهين جي ٻارڙي کان جان کسي.

حادثي جو شڪار ٿيل سڪينه گهر جي سونهن ۽ والدين جي اڪيلي اولاد هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*