بالي ووڊ فلم“ پدماوتي ” لاءِ هٿ آيل ڦاهو ڏنل لاش ڏکيائين ۾ واڌ ڪري ڇڏي،لاش ڀرسان پٿرتي ڌمڪي آميز تحرير کي فلم انتظاميا ڏانهن منصوب ڪيو پيو وڃي

 padvamati

     بالي ووڊ فلم“ پدماوتي ” لاءِ هٿ آيل ڦاهو ڏنل لاش ڏکيائين ۾ واڌ ڪري ڇڏي،لاش ڀرسان پٿرتي ڌمڪي آميز تحرير کي فلم انتظاميا ڏانهن منصوب ڪيو پيو وڃي.

   ڀارتي رياست جئه پور ۾پراڻي قلعي تان ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو آهي، لاش ڀرسان پٿر تي لکيل آهي ته“ اسان پتلا نه ساڙيندا آهيون پر ماڻهن کي ٽنگي ڇڏيندا آهيون ”.

   اهڙي تحرير جي هيٺان بالي ووڊ فلم“ پدماوتي ” جو نالو لکيل آهي.

  خابرو اداري موجب مليل لاش کي فلم ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي ۽ اداڪارن کي هندو انتهاپسندن پاران مليل ڌمڪين سان جوڙيو پيو وڃي، جنهن ۾ انتهاپسندن کين چيو هوته جيڪڏهن فلم کي رليز ڪيو ويو ته اسان سنجي ليلا ڀنسالي جو سر وڍَي ڇڏينداسين، هيروئن دپيڪا جو نڪ ۽ رنوير سنگهه جون ڄنگهون وڍيون وينديون.

     هٿ آيل لاش بابت مقامي پوليس ٻڏتر جو شڪار آهي ته40 سالا چيتن کي قتل ڪيو ويو آهي يا هن آپگهات ڪيو آهي.

    190 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺاهيل فلم جي ڪهاڻي “ چتوڙ ” جي راڻي جي چوڌاري ڦري ٿي.

  هندو انتهاپسندن جو چوڻ آهي ته فلم ۾ هنن لاءِ عزت جي قابل راڻي جي ڪردار ڪشي ٿيل آهي، تنهن ڪري فلم کي رليز ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

    فلم جي شوٽنگ دوران ڪجهه ماڻهن پاران سيٽ کي باهه ڏيڻ سميت سنجي ليلا ڀنسالي تي تشدد ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*