ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن

Quetta-Blast-251117

ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن.

سرياب روڊ تي سڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن شهيدن ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.

ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سڪيورٽي ادارن ڌماڪي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

واقعي واري هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ملڪ حالت جنگ ۾ آهي، ڌماڪي جون شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، جلد ذميوارن تائين پهچي وينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*