ٺٽي ويجهو ڪريش پلانٽ هلا ئيندڙن پاران هٿياربندن جي مدد سان ڳوٺن جا رستا بند ڪرڻ سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي

Thatta-Protest-251117

 ٺٽي ويجهو ڪريش پلانٽ هلا ئيندڙن پاران هٿياربندن جي مدد سان ڳوٺن جا رستا بند ڪرڻ سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ، جڏهن ته ڳوٺاڻن ڪريش پلانٽ هلائيندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مڪلي جي پالاري ڳوٺ ويجهو غير قانوني طور ڪريش پلانٽ  هلائيندڙ افغاني پٺاڻن هٿياربند آڻي پالاري ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻن جا رستا بند ڪري ڇڏياآهن، جنهن تان ڳوٺاڻن ۽ ڪريش پلانٽ وارن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت مڪلي تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندرن مطالبو ڪيو ته سندن رستا بند ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*