اسلام آباد ۾ ڌرڻي خلاف آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪي ٽي اين نيوز سميت مختلف نجي ٽي وي چينلن جي نشريات ۽ سوشل ميڊيا سروس بند آهي

social-media-251117

 اسلام آباد ۾ ڌرڻي خلاف آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪي ٽي اين نيوز سميت مختلف نجي ٽي وي چينلن جي نشريات ۽ سوشل ميڊيا سروس بند آهي.

وزيراعظم جي هدايتن تحت پيمرا اسلام آباد ۾مذهبي جماعت پاران لڳل ڌرڻو ختم ڪرائڻ  لاءِ شروع ڪيل آپريشن جي سڌي ڪوريج تي پابندي بابت منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪيبل آپريٽرز ڪي ٽي اين نيوز سميت سڀئي نيوز چينل بند ڪري ڇڏيا آهن.

نيوز چينلن جي بند ٿيڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ سوشل ميڊيا سروس کي به بند ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر سروس معطل ٿيل آهي. جنهن سبب شهري ملڪي صورتحال بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان لاچار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*