آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان فون تي رابطو ڪيو آهي

Army chef khaqan abbasi 251117

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان فون تي رابطو ڪيو آهي ۽ صلاح ڏني آهي آهي ته ڌرڻي کي پرامن نموني ختم ڪرايو وڃي ۽ ٻنهي پاسن کان تشدد روڪيو وڃي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ اسلام آباد ڌرڻي سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف صلاح ڏني ته ڌرڻي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پرامن رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ ٻنهي پاسن کان تشدد کان پاسو ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*