تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مظاهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي

Imran-Khan-Tweet-21117

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مظاهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل   ڪئي آهي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت کي معاملي جي حساسيت جو اندازو ئي ناهي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اسلام آباد آپريشن جي رد عمل ۾ احتجاج ڪندڙن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جمهوريت بچائڻ جو اهو واحد طريقو آهي.

شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معاملو جيترو حساس آهي، حڪومت کي ان جو اندازو ئي ناهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هنن اڳواٽ ئي چيو هو ته تشدد کان پاسو ڪيو وڃي، پر سرڪار سندن ڳالهه نه مڃي، هاڻ ضرورت معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي آهي.

قانون واري وزير زاهد حامد جي استعفيٰ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهرين ڳالهه مظاهرين جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ جي آهي، باقي سڀ ڳالهيون غير اهم آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*