ڌرڻي وارن جا ڀارت سان به رابطا هئا ۽ اهي رابطا ڪهڙي بنياد تي ڪيا ويا اسان ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون,وفاقي گهرو وزير احسن اقبال

ahsan-iqbal-251117وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڌرڻي وارن جا ڀارت سان به رابطا هئا ۽ اهي رابطا ڪهڙي بنياد تي ڪيا ويا اسان ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ڀارت سان رابطن کان پوءِ خبر پوي ٿي ته ڌرڻي وارا سادا ماڻهو ناهن ۽ انهن وٽ ڳجهي ڄاڻ آهي ۽ اهي اهڙا وسيلا به رکن ٿا جيڪي رياست مخالف استعمال ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته اسان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي آهي ۽ ادارا ان معاملي تي ڪم ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته هو عوام کي اپيل ڪري ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي بدامني واري سازش کان پري رهن.

احسن اقبال چيو ته ڌرڻي وارن جو اهڙو عمل ختم نبوت جي عقيدي سان دشمني آهي، اهي قوم  ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.

وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڌرڻي وارا پنهنجي سياست لاءِ ختم نبوت جي عقيدي کي استعمال ڪري رهيا آهن.

ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ هنن عدالتي حڪم تي عمل ڪيو، هو ڌرڻي وارن سان ڳالهين لاءِ تيار آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*