مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٽرين سروس معطل ٿي وئي آهي

protest-train-251117

مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٽرين سروس معطل ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڪراچي کان ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ ڪيتريون ئي ٽرينون مختلف اسٽيشنز تي بيٺل آهن.

اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻي خلاف آپريشن بعد مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب ملڪ ۾ ٽرين سروس معطل ٿي وئي آهي.

ڪراچي کان ملڪ جي ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ علامه اقبال، ڪراچي، ايڪسپريس، ملت ايڪسپريس، پاسبان ايڪسپريس، خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۽ بولان ميل سميت ٻيون ٽرينون روانيون نه ٿي سگهيون آهن، جيڪي ڪينٽ، لانڍي ۽ سٽي سميت ٻين اسٽيشنز تي بيٺل آهن.

ٽرينن جي روانگي نه ٿيڻ سبب هزارين مسافر ريلوي اسٽيشنز تي پريشان حال ويٺل آهن، سندن چوڻ آهي ته ريلوي اختياريون پڻ ڪو به اطمينان جوڳو جواب نه پيون ڏين، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*