واهي پانڌي ۾ لاشاري برادري جي ماڻهن 2 ڏينهن اڳ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِاحتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

wahi pandhi qatlan khilaf ahtjaj
واهي پانڌي ۾ لاشاري برادري جي ماڻهن 2 ڏينهن اڳ سڱاوتي تڪرار تان قتل  ٿي ويل ڳوٺاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِاحتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 لاشاري برادري جي ماڻهن گورک روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڳوٺاڻي ماڻو لاشاري جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي مقتول جي وارثن دودو لاشاري ، اعجاز لاشاري ، معشوق لاشاري ۽ ٻين چيو ته سڱاوتي تڪرار تان ماڻو لاشاري کي علي محمد بروهي،سردار بروهي ۽ ٻين گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته جوابدار خلاف واهي پانڌي ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪرايو ويوآهي، پر هن وقت تائين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

 مقتول جي وارثن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي  جلد گرفتاري ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*