وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ لڳل مذهبي جماعتن جي ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورن آپشن تي غور ڪيو ويو آهي

pm ijlas

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ لڳل مذهبي جماعتن جي ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورن آپشن تي غور ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن دوران آرٽيڪل 245ع تحت فوج کي طلب ڪرڻ بعد پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، پنجاب جو وڏو وزير شهبازشريف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال فيض آباد ڌرڻي خلاف ڪيل آپريشن بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ فيض آباد وٽ انٽرچينج وٽ لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورن آپشن تي غور ڪيو ويو.

ان کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ اسلام آباد ڌرڻي خلاف آپريشن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*