موٽر وي پوليس شهرين کي غير ضروري سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

motorway-police

موٽر وي پوليس شهرين کي غير ضروري سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، موٽر وي پوليس جي ترجمان چيو آهي ته ڪنهن به صورتحال ۽ ايمرجنسي ۾ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪيو وڃي، شهري غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن،

موٽر وي ايم ون پشاور کان اسلام آباد تائين سموري ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته ايم 2 تي پنڊي ڀٽيان، اين فائيو، هاءِ وي تي گجر خان، دينا، ڪامونڪي، لوڌران والا روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند آهي.

موٽروي ترجمان موجب، لاهور کان پنڊي ڀٺيان ۽ فيصل آباد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته جي ٽي روڊ تي مندرا، ترنول، ٽيڪسلا، چُن دا قلعا ۽ راوي ريان روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

موٽر وي ترجمان چيو آهي ته موٽروي پوليس گاڏين کي متبادل رستن سان روانو ڪيو پيو وڃي، مسافر غيرضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، شهري سفري رهنمائي لاءِ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس جي هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*